صبغت الهديٰ مدرسي جي لائبريري شاهپور چاڪر

صبغت الهديٰ مدرسي جي لائبريري شاهپور چاڪر: مدرسي جامعه راشديه، پير ڳوٺ جي شاخ مدرسو صبغت الهديٰ، شاهپور چاڪر 1967ع ۾ قائم ٿيو. مدرسي جي قائم ٿيڻ جي ڪجهه سالن بعد لائبرريءَ جو انتظام ڪيو ويو، جتي هن وقت 3000 کان وڌيڪ ڪتاب، قلمي نسخا ۽ رسالا موجود آهن، جن ۾ ادب، تاريخ، فلسفي کانسواءِ قرآن مجيد جا تفسير ۽ حديث جي موضوع تي مواد شامل آهي. اڪثر ڪتاب عربيءَ ۾ آهن، جڏهن ته سنڌي ۾ چڱو ذخيرو موجود آهي. جڏهن ته عالمن جي تقريرن ۽ مختلف پروگرامن جي آڊيو ڪيسٽن ذريعي پڻ وڏو مواد محفوظ ڪيل آهن. هن لائبرري لاءِ پڻ الڳ فنڊ مقرر نه آهي، جڏهن ته ڪتابن جي خريداري ۽ لائبرريءَ جي ٻين خرچن لاءِ مدرسي جي فنڊ مان خرچ ڪيو وڃي ٿو. هيءَ لائبرري مدرسي جي انتظاميه جي نگراني هيٺ آهي. هن وقت هن مدرسي جو مدرسُ نامور عالم مفتي عبدالرحيم شر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو